اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي امتحان ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏيڻ تي نجي ڪاليج جي هڪ ميڊيڪل جي شاگرد جي شڪايت تي چيو آهي ته متاثره ڌر پاڪستان ميڊيڪل جي شاگرد جي شڪايت تي چيو آهي ته متاثر ڌر پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي لاڳاپيل ??ق تح?? ڪيس داخل ڪري، جنهن تح?? يونيورسٽين کي اختيار حاصل آهي ته اهي شاگردن کي امتحان ۾ شرڪت جا وڌيڪ موقعا ڏئي سگهن ٿيون. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سربلند خان صدر کي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي هئي جنهن ۾ وفاقي محتسب محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي فيصل?? کي برقرار رکيو ويو هو. درخواستگذار واضح ڪيو ته هو ٻئي سال جي بائيو ڪيمسٽري جي امتحان ۾ ٻه ڀيرا فيل ٿيو هو ۽ رول تح?? امتحان پاس ڪرڻ جي لاءِ وٽس چار موقعا هئا جڏهن ته هو امتحان ۾ شرڪت جي ٽئين ۽ چوٿين موقعي مان فائدو نه کڻي سگهيو ڇو ته ميڊيڪل ڪاليج کيس وقت سر اطلاع نه ڏني ۽ شاگرد جي ڪاليج ۾ داخلا تي پڻ پابندي هنئي وئي. سربلند خان صدر ڊاڪٽر عارف علو?? کي اپيل ڪندي گذارش ڪئي ته جيڪڏهن ان کي امتحان ۾ شرڪت جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ لاڳاپيل ميڊيڪل ڪاليج کي هدايت ڪئي وڃي ته ان کي 15 لک رپيا جمع ڪرايل فيس گڏ 7 سالا منافعي جي رقم سان گڏ واپس ڪئي وڃي. شڪايت ڪندڙ اها به درخواست ڪئي ته ان جي بائيو ڪيمسٽري جي پيپر جي ري چيڪنگ جو پڻ حڪم ڏنو وڃي ڇو ته هو رڳو هڪ نمبر گهٽ هجڻ جي ڪري فيل قرار ڏنو ويو آهي. وفاقي محتسب پنهنجي آرڊر ۾ چيو هو ته ميڊيڪل ڪاليج جي حوالي سان ڪا بدانتظامي ظاهر ن?? ٿي ٿئي ۽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) جي 24 سيپٽمبر 2020ع جي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ شاگرد امتحان ۾ چار ڀيرا شرڪت جي موقعي مان فائدو نه ٿو کڻي سگهي ڇو ته ان حوالي سان قانون ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سربلند خان جي اپيل ??ي پنهنجي فيصلي ۾ پي ايم ڊي سي جي ريگيوليشنز 2021ع جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته ان حوالي سان لاڳاپيل يونيورسٽي شاگرد کي امتحان ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي سگهي ٿي ۽ امتحان ۾ ڪنهن شاگرد جي شرڪت جي موقعي جي فيصلي جو اختيار لاڳاپيل يونيورسٽي وٽ آهي ۽ ان حوالي سان شاگرد کان ڪا اضافي فيس طلب نه ٿي ڪري سگهجي. هن لاڳاپيل ??عليمي سالن جي لاءِ ادا ڪيل فيسن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جي چيپٽر IV جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته فيل ٿيل ??متحان ۾ ٻيهر شرڪت جي موقعي بابت ريگيوليشنز ۾ لکيل ??هي ته هر يونيورسٽي فيل ٿيندڙ شاگرد جي امتحان ۾ شرڪت جي حوالي سان پنهنجا قانون پاڻ جوڙيندي ۽ اهڙي قسم جي ريگيوليشنز کي مشتهر ڪيو ويندو ته جيئن هر شاگرد جي انهن قانونن تائين پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر چيو ته وفاقي محتسب پاران پاس ڪيل ??رڊر ۾ ڪنهن به قسم جي خامي نه آهي جڏهن ته اپيل ڪندڙ جيڪڏهن چاهي ته هو پي ايم ڊي سي جي لاڳاپيل قانون مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن اپيل ڪندڙ چاهي ته پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ لاڳاپيل فورم تي رابطو ڪري موجوده قانون مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان حڪم تح?? صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد سربلند خان جي اپيل کي اڪلائي ڇڏيو.