اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گلگت بل??ستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير گلگت بل??ستان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گلگت بل??ستان ۾ پي ٽي وي اسٽيسن جي قي??م لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گلگت بل??ستان ۾ ڊجيٽل ڪيبل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جي ??دمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته گلگت بل??ستان جي نوجوانن ۾ ڊجيٽل ميڊيا ۾ دلچسپي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت بل??ستان جي گورنر نوجوانن کي ڊجيٽل ميڊيا طرف متوجهه ڪرڻ جي ??والي سان وفاقي وزير جي ??جويز سان اتفاق ڪيو.