اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اي??ر عربيه گروپ جي چيئرمين شيخ عبدالله بن محمد الثاني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪ??ي. پي ايم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ غلام سرور خان پڻ موجود هئا. ملاقات دوران پاڪستان جي ڪمرشل هوابازي صنعت ۾ سيڙپڪاري جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڪستان حڪومت سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، چاهيون ٿا ته پاڪستان سيڙپڪارن جي ترجيحي منزل هجي. وزيراعظم چيو ??ه سياحت جي فروغ لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ڪمرشل اي??ر لائينز جي سيڙپڪاري کي ڀليڪار چئون ٿا.