اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي بندشن جي ڪري عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي ا??اف?? جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ان چئلينج کي سراسري طور بهتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي ا??اف?? سان دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڪورونا لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ بري طرح مت??ثر ٿيا آهن پر پاڪستان ماشاءَ الله سراسري طور تي بهتر رهيو آهي. وزيراعظم ناڻي واري صلاحڪار جي ترجمان مزمل اسلم جو هڪ وڊيو ڪلب به شيئر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت بابت ڪجهه غلط تصورن کي رد ڪيو ويو. مزمل اسلم فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آر??نا??يزيشن جي انگن اکرن جو ??والو ڏيندي چيو ته هن سال سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 1.9 سيڪڙو، ورلڊ سيريل انڊيڪس ۾ 3.2 سيڪڙو، کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 9.6 سيڪڙو ۽ ڊيري مصنوعات جي قيمتن ۾ 2.6 سيڪڙو ا??اف?? ٿيو آهي. مزمل اسلم چيو ته عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي رجحان جي باوجود آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ 17 سيڪڙو ا??اف?? رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هن سال اهو 30 بلين ڊالر تائين پهچڻ جو ??مڪان آهي. هن سال ٽيڪسٽائيل جو ??وانگي واپار 22 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي.