اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته اسان منظم مافيا کي منهن ڏئي ??هيا ??هي??ن، عالمي بئنڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو ترقي جي تصديق ڪري رهيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ حڪومتي پاليسين جي عالمي سطح تي واکاڻ ٿي رهي آ??ي ته اهڙي وقت ۾ ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي بي تُڪي رپورٽ اچي ٿي جنهن جو سر آهي نه پير ۽ هڪ پريس رليز تي هيڊ لائينون لڳي وينديون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي رپورٽ چئي ٿي ته پاڪستان ۾ رول آف لا ۾ تنزلي ٿي پر ڪنهن کي خبر نا??ي ته هو ايئن ڇو چئي ??هيا آهن؟ رپورٽ ۾ مالياتي ڪرپشن جو تذڪرو به ناهي پر پريس رليز ۾ اهڙا قصا جوڙيا ويا ته ڪرپٽ اپوزيشن جي به جرئت ٿي ته حڪومت تي تنقيد ڪري، هن چيو ته ن ليگ ۽ فضل الرحمان عمران خان جي حڪومت کي ڪرپٽ چو??، ان کي آسمان تي ٿڪڻ چو??دا آهن.