اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان جي چين جي دوري جي دوران چين جي صدر ۽ وز??را??ظم سمي?? مختلف ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪتاب پيش ڪيو ويندو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي س??ن تيار ??يل پچ بڪ ۾ شعباجاتي بنيادن تي ت??صيل شامل ڪيا ويا آهن، ڪتاب ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حامل شعبن ۽ حڪومت پاران انهن شعبن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ تفصيل موجود آهن، پاڪستاني وفد جا ميمبر چين جي دوري جي موقعي ت?? اهو ڪتاب چيني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پيش ڪندا. ان ڪتاب جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ ڏيڻ آهي.