اسلام آباد – 14 في??روري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي واضح پيغام ڏنو آهي ته جنهن جنهن به ملڪ کي ڦريو آهي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، 1985ع کانپوءِ ۽ آصف زرداري ج?? اقتدار ڏسي وٺو ۽ عمران خان جي خيبرپختونخواهه ۽ هاڻي وفاقي حڪومت کانپوءِ جا وسيلا ڏسي وٺو، شريفن وٽ ٻاهر ملڪيتن جي لاءِ پئسا اچي وڃن ٿا، کير، مرغين، کنڊ جو ڪاروبار شروع ٿئي ٿو، انهن سمورن چورن جي آخري آرامگاهه ايوان اقتدار نه پر جيل آهي، عدم اعتماد اسان جي لاءِ ڪو چئلينج نه آهي، مونس الاهي ج?? بيان کانپوءِ اڃا وڌيڪ گهٻراهٽ ڇانئجي وئي آهي، اسان جي ميمبرن جي فڪر نه ڪريو، پنهنجي 25، 30 ميمبرن جي فڪر ڪريو جيڪي هر اهم موقعي تي غائب ٿي وڃن ٿا. سي اي سي اجلاس کانپوءِ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ج?? چيئرمين في??ل جاويد ۽ پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته ڊي آءِ خان ۾ جي يو آءِ کي علي امين گنڊاپور شڪست ڏني آهي، اتان جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر فضل الرحمان تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ پهريون ڀيرو بااختيار بلدياتي نظام ڏنو ويو آهي، ماضي ۾ ناظمن جي لاءِ ٻوليون لڳنديون هيون. (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه مان ختم ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ کي ڪرڪ مان ٽي ۽ بنون مان هڪ سيٽ ملي آهي. هن ??يو ته هڪ طبقو بار بار هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙي رهيو آهي، شهباز شريف جي چهري تي مايوسي سڀني ڏٺي آهي، 18 في??روري تي شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، سليمان شريف کي ڪهڙي بيماري آهي اهو ڇو نه اچي رهيو آهي، مقصود چپڙاسي ج??ڙن ملازمن جي اڪائونٽس ۾ 4 ارب ??پي?? آيا آهن. هن ??يو ته مخالف ڌر ته مخالف ڌر کي ڪيرائڻ ۾ لڳل آهي، انهن جي ويڙهه ٻي ۽ ٽئين اپوزيشن جي آهي، هڪ طرف زرداري جا پير پڪڙيل آهن، ٻئي طرف 22 سالن کانپوءِ چوڌري ڀائرن جي عيادت جي ياد اچي وئي آهي. هن ??يو ته عمران خان پهريون وزيراعظم آهي ج??هن صوابديدي فنڊز ختم ڪيا، ٻاهرئين سفر تي ڪفايت شعاري ڪئي آهي، عمران خان ٻاهرئين ملڪن ۾ ملڪيتون نه ٺاهيون ۽ نه ئي ڪي فيڪٽريون هنيون آهن.