اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي ميمبر راجا پ??وي?? اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ سردار اياز صادق چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ان جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڄ جي ايجنڊا ?? ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ائٽم تي عملدرآمد نه ٿيندو. سردار اياز صادق چيو ته اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد ق??ر راجا پ??وي?? اشرف جو نالو ڏنو جنهن جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا ان لاءِ راجا پ??وي?? اشرف کي بنا مقابلي اسپيڪر چونڊيو وڃي ٿو. بعد ۾ سردار اياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پ??وي?? اشرف کان سندس عهدي جو حلف ورتو.