اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. پاڪستان ۽ ايران هڪ ٻئي سان گڏيل مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ ڀائيچاري جي لازوال رشتن ۾ جڙيل آهن. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف خوش آئنده آهي، خطي ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ تڪرارن جو مستقبل حل انٽر آهي، القدس شريف تي اسرائيلي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ مسلمان امت کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرور?? آهي، ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ انسان?? حقن جون پائماليون انتهائي قابل مذم?? آهن، پاڪستان ايران سان توانائي، واپار ۽ ??ين اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش رکي ٿو. پارلياماني سطح تي رابطن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. ڪشمير ۽ فلسطين ۾ انسان?? حقن جي پائما??ين ۽ القدس شريف تي غيرقانوني قبضي جي خاتمي لاءِ امت کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرور?? آهي، ايراني سفير چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجي پراڻي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، القدس شريف ۾ جاري غير قانوني قبضي جي خلاف اڄ سڄي دنيا جي اسلامي ملڪن ۾ القدس جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار طور خصوصي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، القدس شريف جي حرمت، تقدس ۽ ان تي اسرائيلي غير قانوني قبضو ڇڏرائڻ لاءِ امت کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. ايران پاڪستان سان توانائي ۽ واپار سميت ??ين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو.