اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت سان گڏجي صوبائي کپ?? جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻ?? جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، ڪڻ?? جي اسمگلنگ کي روڪڻ جا قدم کنيا وڃن. شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻ?? جي پيداوار، موجوده ذخيرن ۽ صوبائي ۽ قومي سطح تي کپ?? جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪڻ?? جي هن سال پيداوار جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڪڻ?? جي مجموعي پيداوار جو هدف 28.89 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو هو جڏهن ته متوقع پيداوار 26.173 ملين ميٽرڪ ٽن رهڻ جي اميد آهي. ڪڻ?? جي ملڪي سطح تي مجموعي کپت جو ڪاٿو 30.79 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو آهي. ڪڻ?? جي پيداوار جي هدف ۽ متوقع پيداوار ۾ فرق جي سببن ۾ ڪڻ?? جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ ۽ گذريل حڪوم?? جي ڀاڻ جي فراهمي ۾ بدانتظامي جي ڪري ڀاڻ جو بحران آهي. وڌيڪ اهو ته مارچ ۾ ڪڻ?? جي امدادي قيم?? جي دير سان اعلان جي ڪري آبادگارن جي ڪڻ?? جي پوکيءَ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. ان کانسواءِ تيل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ موسمياتي تبديلي يعني وقت کان اڳ گرمي جي شدت ۾ اضافو پڻ ڪڻ?? جي طئي ٿيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ رهيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪڻ?? جي حڪومتي سطح تي خريداري جي حوالي سان پنجاب 91.66 سيڪڙو، سنڌ 49.68 سيڪڙو، بلوچستان 15.29 سيڪڙو جڏهن ته پاسڪو 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. وزيراعظم کي موجوده حڪوم?? جي عوامي ريليف جي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو، کيس ٻڌايو ويو ته حڪوم?? جي فلور ملز کي ڪڻ?? جي فراهمي تي سبسڊي، اٽي جي 10 ڪلو ٿيلهي جي 400 رپيا جي قيمت تي فراهمي، بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي سستي اٽي جي فراهمي ۽ خيبرپختونخواهه کي 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻ?? جي فراهمي انهن قدمن ۾ شامل آهي. وزيراعظم عملدارن کي خيبرپختونخواهه حڪومت سان گڏجي صوبائي کپ?? جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻ?? جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪڻ?? جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ ڪڻ?? جي چوري ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ سائيلوز جي تعمير جي حڪمت عملي تيار ڪري جلد پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪڻ?? جي پوکيءَ جي ڏينهن ۾ ڏوهاري غفلت، بدانتظامي ۽ لاپرواهي جي ڪري ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو ويو جنهن جي ڪري آبادگارن ۽ ملڪ کي نقصان پهتو، سائيلوز جي تعمير سان چوري ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، غلط فيصلن ۽ وقت سر حڪمت عملي نه هجڻ جي ڪري اسان ڪڻ?? جي ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ بدران ڪڻ?? جي درآمد ڪندڙ ملڪ بڻائي ڇڏيو، ڪڻ?? جي سپورٽ پرائيس جي دير سان اعلان سان نه رڳو آبادگارن جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي پيدا ٿي پر ان جو فائدو سڌوسنئون ذخيره اندوزن کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وزيراعظم پنجاب حڪومت کي پنهنجو خريداري جو هدف وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ فوڊ سيڪيورٽي ڊويزن کي شارٽ فال کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ضرورت پوڻ تي وقت سر ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان کي بهتر حڪمت عملي سان ڪڻ?? جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ملڪ بڻائينداسين. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، فوڊ سيڪيورٽي، پاسڪو ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ صوبائي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.