لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، غريب خاندان رلي ويا آ??ن، پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو، سوا ڪروڙ مستحق خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آ??ن، نواز شريف ايٽمي ڌماڪن جي وقت پنج ارب ڊالر جي آڇ قبول ڪرڻ بدران ملڪي مفاد ۽ دفاع کي ترجيح ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته موجوده حالتن ۾ غريب خاندان رلي ويا آ??ن، هڪ وقت جي ماني، علاج لاءِ پئسا ۽ نوڪري نه آهي، محمد شهباز شريف چيو ته پيڙهيل ماڻهن لاءِ 28 ارب روپين جي فنڊز جو پيڪيج جو آغاز ڪري رهيا آهيون ج??هن تحت غريب گهراڻن کي 2 هزار روپيا ماهوار ڏنا ويندا، وزيراعظم چيو ته اسان ??ي اولين ترجيح معيشت جي بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ آهي ج??هن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم ک??ي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايٽمي ڌماڪن جي وقت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هر قسم جي لالچ ڏني وئي، پر هو نه ته ڪ??هن ڌمڪي ۾ آيو نه ئي غير ملڪي سربراهن سان سخت لهجي ۾ ڳالهه ڪئي ۽ آمريڪي صدر سان انتهائي سٺي انداز ۾ چيو ته توهان 5 ارب ڊالر جي جيڪا آڇ ڪري رهيا آهيو ان تي توهان جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، مون کي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، اسان پاڪستان جي دفاع تي حرف نه اچڻ ڏينداسين.