اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب چيو آهي ته فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري بشريٰ بي بي کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ۽ ادارن جي خلا?? مهم جو ماسٽر مائنڊ هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، بشريٰ بي بي پاڪستان تحريڪ انصاف جي س??شل ميڊيا ۽ ڪوڙي بيانيي جي سربراهه آهي، فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري تسل??م ڪيو آهي ته آڊيو بشريٰ بي بي جي آهي ۽ سياسي مخالفن کي غداري ساان لنڪ ڪرڻ بشريٰ بي بي جو Opinion آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ادارن جي خلا?? مهم بشريٰ بي بي هلائي ره?? آهي، ثابت ٿي ويو آهي ته گندي زبان وارن ترجمانن کان غيراخلاقي پريس ڪانفرنس بشريٰ بي بي ڪرائي ره?? آهي. هن چيو ته بشريٰ بي بي بني گالا ۾ لڪي غداري، ٻاهرئين سازش جي بيانيي، قومي ادارن جي خلاف س??شل ميڊيا مهم هلائي ره?? آهي. هن چيو ته سياسي مخالفن کي غداري سان لنڪ ڪرڻ ۽ گارگند جي اڳيان پٺيان بشريٰ بي بي آهي. هن چيو ته ادارن جي خلاف ماسٽر مائنڊ بشريٰ بي بي آهي، بشريٰ بي بي پنهنجي تاريخي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين سازش ۽ غداري جو بيانيو گهڙيو، بشريٰ بي بي سياسي مخالفن، صحافين ۽ ادارن جي خلاف گارگند ڪرائي ٿي. مريم ??ورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ تسل??م ڪري ڇڏيو آهي ته پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ غداري جا پرچا ڪٽرايا. ٻاهرئين ملڪ سازش جي ڪوڙي بيانيي جا چيمپئن آمريڪا کان معافيون گهرندي ۽ منٿون ڪندي پڪڙيا ويا آهن. هن چيو ته عمران صاحب Bygones are bygones جا معافي ناما آمريڪا پهچائي ره??و آهي.