انقره – 02 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي ترڪي جي واپار واري وز??ر ڊاڪٽر مهمت موش وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وز??راعظم محمد شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وز??راعظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو هو، وز??راعظم شهباز شريف دوري دوران ??در رجب طيب اردوان ??ان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿيون، صدر اردوان وز??راعظم شهباز شريف جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن اها سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وز??راعظم شهباز شريف سندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ميزباني تي ترڪ صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وز??راعظم صدر طيب اردوان کي پاڪستان ??و دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني، دوري دوران وز??راعظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان ??ه ملاقاتون ڪيون، وز??راعظم پاڪستان ??رڪي بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. وز??راعظم جديد ترڪي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي به حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، وز??راعظم سان ??رڪ پرڏيهي وز??ر، صحت واري وز??ر ۽ واپار واري وز??ر سان ملاقاتون به ڪيون.