اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف اسلام آباد جي جيل ڪامپليڪس جي منصوبي ۾ ڪيترن ئي سالن جي دير جو نوٽيس وٺندي ايندڙ مالي سال ۾ جي?? جي تعمير مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ منصوبي جي جائزي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. وز??راعظم جي سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه ان حوالي سان حڪمنامو جاري ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ گهرو، هائوسنگ، منصوبابندي وارين وزارتن جا سيڪريٽريز، اسلام آباد چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين شامل آهن. وز??راعظم معاملي تي ڪميٽي کان هڪ هفتي اندر رپورٽ گهرندي اسلام آباد ماڊ?? جيل ڪامپليڪس جو ساالن کان التوا هيٺ پيل منصوبو هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جديد ترين عالمي معيار ۽ سهولتون رکندڙ اسلام آباد جي?? جي تعمير فنڊ نه هجڻ سبب مڪمل نه ٿي سگهي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال ۾ ان منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي. واضح رهي ته اسلام آباد جي ڪامپليڪس کي دنيا جي جديد جيلن تحت تعمير ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد جي پنهنجي جيل نه هجڻ سبب قيدين ??ي 6 ڏهاڪن کان اڊيالا جيل ۾ رکيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ موٽروي ويجهو سيڪٽر ايڇ 16 ۾ 90 ايڪڙ تي ٻڌل اها جديد جيل تعمير ٿي رهي آهي. ٻه ماڙ بيرڪن واري ان جيل ۾ 2000 قيدين ??ي رکيو ويندو. اسڪول، مسجد، ٽريننگ سينٽر، راند جو ميدان، آءِ سي ٽي جون عدالتون به ان جيل ڪامپليڪس جو حصو آهن. جيل عملدارن جي تربيت جو مرڪز به منصوبي جو حصو آهي.