اسلام آ??اد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڏکڻ سنڌ ۾ چوماسي برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ??اني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثرين کي فوري طور تي 50 هزار ??پيا في خاندان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومت کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ صورتحال ۾ پهرين ترجيح متاثر ماڻهن جو ريسڪيو ۽ انهن جي فوري امداد ??هي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين کي فوري طور تي 50 هزار ??پيا في خاندان فراهم ڪيا وڃن. متاثرين کي کاڌي ۽ صاف پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. متاثرين کي رهائش ۽ طبي سهولتن جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم ملڪ جي باقي حصن ۾ به برساتن جي نتيجي ۾ متوقع ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي تيار ??هڻ جي پڻ هدايت ڪئي.