سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حر??ت پسند اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ اڄ ملهائي ويندي، جڏهن ته سندس پهرين ورسي جي موقعي تي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پو??ٽر هنيا ويا آهن ج?? ۾ ماڻهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي پهرين سيپٽمبر خميس ڏينهن بزرگ حر??ت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ مڪمل هڙتال ڪن ۽ حيدر پوره طرف م??رچ ڪن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني گذريل سال پهرين سيپٽمبر تي ڀارتي پوليس جي حراست ۾ حيدر پوره سرينگر ۾ پنهنجي رهائش تي لاڏاڻو ڪري ويو هو جتي کيس هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين مسلسل نظربند رکيو وي??. ڪ?? جماعتي حر??ت ڪانفرنس اڳ ۾ ئي پهرين سيپٽمبر تي مڪمل هڙتال ۽ حيدر پوره طرف م??رچ جي ڪال ڏئي رکي آهي.