اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ سبب ملڪ جي درپيش چئلينجن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، پوري قوم آفت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آ??ي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ايف آر سي سي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي به شريڪ هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ واري صورتحال سبب ملڪ کي درپيش چئلينجن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، پوري قوم آفت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آ??ي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آ??ي، وفاقي وزير چيو ته صحت جي صورتحال تي ڪڙي نظر رک?? وڃي ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن، متاثرن جي بحالي ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي لاءِ سروي تيز ڪيا وڃن، صحيح انگ اکر ڊ??ش بورڊ جي ذريعي مددگار ثابت ٿيندا، هن چيو ته اين جي اوز ۽ آءِ اين جي اوز کي امدادي ڪاررواين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ متحرڪ ڪ??و وڃي، عوام کي امدادي ڪيمپن بابت مڪمل معلومات فراهم ڪئ?? وڃي، ڊيمن ۽ ٻين آبي وسيلن ۾ پاڻي جي سطح تي نظر رک?? وڃي.