اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو ??ان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي سان سڀ ??ان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 1300 ??ان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 3 ڪروڙ 30 لک ??ان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن، اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ عالمي سهڪار، يڪجهتي ۽ مدد گهربل ه??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪئناڊا جي عالمي ترقي واري وزير هرجيت سنگهه سجن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم اهڙي مشڪل وقت ۾ جڏهن پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا اثر درپيش آهن، پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته ٻوڏ سان 1300 ??ان وڌيڪ ماڻهو فوت، 3 ڪروڙ 30 لک ??ان وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ ??ان وڌيڪ فصلون تباهه جڏهن ته 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جنهن سان ماڻهو روزگار شديد متاثر ٿيو آهي ۽ نقصان اربين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ يڪجهتي ۽ امداد تي ڪئناڊا کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو ??ان به گهٽ آهي پر پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن سان سڀ ??ان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي ۽ تازين موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو ثبوت آهي. ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي جي لاءِ به مسلسل عالمي حمايت، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت ه??ند??. وزيراعظم عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ صحت جي شعبن بابت منصوبن ۾ معاونت تي ڪئناڊا جي حڪومت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بهتر تعمير جي حڪمت عملي تي عمل ڪندو، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جو م??ابلو ڪندڙ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي لاءِ ماهرن ۽ فني امداد جي ضرورت ه??ند?? ته جيئن مستقبل ۾ قدرتي آفتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن ??ان بچي سگهجي. ڪئناڊا جي وزير هرجيت سنگهه سجن ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪئناڊا جي حڪومت ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندي.