اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بين المذاهب ڪانفرنسون، مڪالما ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسلامي معاشرن ۾ اعتدال پسندي، امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي فروغ کي يقيني بڻايو وڃي، ڀارت جي مسلمانن کي اسلامو فوبيا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضر??رت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رابطا عالمي اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي رابطا عالمي اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ کي هلال پا??ست??ن عطا ڪيو. هلال پا??ست??ن ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم پاران يتيم ٻارن جي ڪفالت، صحت، سماجي شعبن ۽ پا??ست??ن جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ عطا ڪيو ويو. بعد ۾ صدر سان هن ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور ۽ پا??ست??ن ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ موجود هو. صدر چيو ته ”اسلامو فوبيا“ مسلمانن کي درپيش سڀ کان وڏن چئلينجز مان هڪ آهي، اسلام جي حوالي سان دنيا ۾ موجود خوف کي ختم ڪرڻ جي ضر??رت آهي، اسلام دنيا جي ماڻهن جي وچ ۾ امن، يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏي ٿو. هن چيو ته مخ??لف قومن جي ماڻهن کي اسلام جي حقيقي پيغام کان آگاهه ڪرڻ جي ضر??رت آهي. صدر دنيا ۾ اسلام جي حقيقي تصور ۽ هم آهنگي جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ ۽ بين المذاهب ڪانفرنسون، مڪالما ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضر??رت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسلامي معاشرن ۾ اعتدال پسندي، امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي فروغ کي يقيني بڻايو وڃي، اسلامي معاشرن ۾ دهشتگردي ۽ عدم برداشت جي رجحانن جي خلاف صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ جي ضر??رت آهي. صدر ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جون پاڙون گهريون آهن ۽ ان جي رياستي سطح تي سرپرستي ڪئي پئي وڃي، ڀارت جي مسلمانن کي اسلامو فوبيا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضر??رت آهي. صدر رابطا عالمي اسلامي جي عالم اسلام ۾ ڀلائي جي لاءِ ڪ??شش?? کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي پا??ست??ن ۾ اسلامي عجائب گهر جي قيام تي عملدرآمد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ميوزيم جي مڪمل ٿيڻ سان ماڻهو حضور اڪرم ﷺ جي زندگي جي مخ??لف رخن بابت ڄاڻي سگهندا. صدر پا??ست??ن جي انتهائي اهم مالي ضر??رتن ۽ ٻوڏ سٽيلن جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فراخدلي سان مدد فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. رابطا اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ گڏيل قومن سميت سمورن عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿارڻ ۾ پا??ست??ن جي ڪ??شش?? کي ساراهيو. هن چيو ته پا??ست??ني اسڪالرز ۽ سول سوسائٽي کي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي گهري ڳڻتي آهي. سيڪريٽري جنرل ٻن ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي صدر جي خطاب کي پڻ ساراهيو.