اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين نومبر کان چين جو ٻن ڏينهن جو دو??و ڪندو. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطحي وفد ??ه ساڻس گڏ هوندو. وزيراعظم کي ان دو??ي جي دعوت عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو پهريون دو??و هوندو، وزيراعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم چين جو دو??و ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان موجب وزيراعظم جو دو??و پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي مٽاسٽا جي تسلسل جو اظهار آهي. وزيراعظم دو??ي دو??ان صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دو??ي دو??ان ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان دو??ي ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن / معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي جڏهن ته وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي اڳ??ي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ تعاون جي رفتار کي مستحڪم ڪرڻ جي پڻ اميد آهي.