اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري (سڀاڻي) خميس ڏينهن ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي ??يرقانوني ??بضي جي ??لاف ڪارو ڏينهن ملهائيندا ۽ دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيندا ته اهي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي ??يرقانوني ??بضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، ان موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقرينون منعقد ڪيون وينديون. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ??پيل تي ڀارت جي ??يرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 27 آڪٽوبر تي هڙتال ڪئي ويندي ۽ ڪشميري عوام ان ڳالهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائيندي ته اه?? ڀارت جي ??لامي کان آزادي تائين پنهنجي ??دوجهد جاري رکندي. حريت ڪانفرنس ڀارت جي ??يرقانوني ??بضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڙتال جي ڪال ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪشميرين ۽ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي ڀارت جي ??يرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ سڄي دنيا ۾ ڀارتي سفارتخانن، گڏيل قومن جي ??فيسن، تاريخي جاين ۽ مختلف گادي وارن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪن. 27 آڪٽوبر کي سڄي دنيا ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارت بنا ڪنهن قانوني جواز جي ??ياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کانپوءِ هيستائين ڀارتي قابض فوج بيدردي سان بيگناهه ۽ معصوم ڪشميرين جو قتلام ڪري رهي آهي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون.