اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 27 آڪٽوبر جو ڏ??نهن ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. 1947ع ۾ ان ڏينهن ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ زبردستي قبضو ڪيو هو، هي ڏينهن ڪشميرين جي بي مثال حوصلي ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهي، جيڪو انهن گذريل 75 سالن دوران ڀارتي قابض فوج جو ڄمي مقابلو ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستاني عوام ڪشميرين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهن جو عزم ڪري ٿي. دنيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن جيڪو هڪ وڏو فوجي علائقو ب??جي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام ??ي آزادي جي خواهش کي وڌيڪ دير تائين دٻائي نه ٿو سگهجي.