اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وڌندڙ آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صوبن ۾ جدا وزارتون قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ سال دنيا جي آبادي 8 ارب ۽ پاڪستان جي 23 ڪروڙ ٿي وئ?? آهي، گذريل 75 سالن ۾ پاڪستان جي آبادي 3 ڪروڙ مان 23 ڪروڙ ٿي وئي، 2030ع ۾ پاڪستان جي آبادي 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050ع ۾ 33 ڪروڙ 80 لک ٿيڻ جو امڪان آهي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي، وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد نيشنل ايمرجنسي پلان ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ هفتي نيش??ل ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪيو آهي. نيش??ل ٽاسڪ فورس ۾ صوبن کي نمائندگي ڏني وئ?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاپوليشن ڪائونسل جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي وانگر وڌندڙ آبادي به خطري جي گهنٽ?? آهي، آبادي وڌي ٿي ته تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مسئلا به پيدا ٿين ٿا. هن ??يو ته 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مسئلا صوبن جي ذميوار?? آهي. هن ??يو ته پاڪستان جي آبادي 2 سيڪڙو ساليانو جي رفتار سان وڌي ره?? آهي. اهڙن مسئلن کي منهن ??يڻ جي لاءِ وڌندڙ آبادي جي مسئلي کي منهن ??يڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير قومي اهميت جي انهن مسئلن تي قومي بيانيو جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بيانيو جوڙڻ ۾ سمورين ڌرين کي شامل ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته حڪومتي سطح تي اهڙن مسئلن تي کلي بحث ٿيڻ گهرجي، ان جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي نتيجي ۾ قوم تازو ئي وڏي تباهي کي منهن ??نو. تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٻار ۽ عورتون شديد متاثر ٿيون، ماضي ۾ پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قومي ڪانفرنس جي منظور ڪيل پڌرنامي ۾ هدفن جو واضح تعين ٿيو هو. ڪانفرنس جي پڌرنامي تي صوبن جون صحيحون به آهن، انهن هدفن ۽ تجويز ڪيل قدمن جي بحالي جي ضرورت آهي. هن ??يو ته اهڙي طرح پاليسي سازي، قانونسازي ۽ بيانيو جوڙن سان گڏوگڏ گهربل هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. هن ??يو ته ماضي ۾ منصوبابندي کاتو عوام کي انهن مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌندڙ آبادي جي حوالي سان ڊيجيٽل ميڊيا تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ بيانيو جوڙڻ ۾ پاپوليشن ڪائونسل کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.