شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. ڪوپ – 27 جي فورم تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ آبهوا جي تبديلي ??ي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ماحولياتي تباهين جي سونامي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي ضرورت آه??، ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ ماحولياتي تبديلين بابت واقعن ۾ شدي?? اضافو ٿي رهيو آه??، اهو اسان جي لاءِ انتهائي ضروري موافقت جو دور آه??. شيري رحمان چيو ته ان ڳالهه جو فڪر آه?? ته اسان پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان ڪيئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا جي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آه??ون. هن چيو ته دي ليونگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ شامل آه?? جيڪي ڪاربان کي گهٽ ڪندا آه??، ان منصوبي جي مقصدن ۾ ماحولياتي نظام جي بحالي، درياجو تحفظ ۽ لچڪيدار مستقبل شامل آه??. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبلڪ ۽ پرائيويٽ فنانسنگ جي نظام کي جوڙڻ گهرجي ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس جي ضرورت پوندي.