اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ايڪشن پلان ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار مراڪش جي شهر فينز ۾ ??ڏي?? قومن جي تهذيبن بابت اتحاد جي نائين عالمي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جي ميزباني مراڪش جي شاهه ڪئي. مملڪتي وزير سڄي دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت، امتيازي سلوڪ، اسلامو فوبيا ۽ تشدد جي وڌندڙ مسئلي بابت پاڪستان ??ي موقف ۽ خدشن کي واضح ڪيو. هن پرامن ??ڏي?? بقاءَ، ??ڏي?? افهام تفهيم ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ۽ مضبوط بين المذهبي، بين التهذيبي ۽ بين المذاهب مڪالمي جي اهميت کي ا??اگر ڪيو. حنا رباني کر خاص طور تي مسلمانن ۽ اسلام جي خلاف رياستي امتيازي سلوڪ، دشمني ۽ فوبيا طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ اهڙي قسم جي ڪڌي ڪمن جي لاءِ ڇوٽ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ماحول طرف ڌيان ڇڪرايو. هن زور ڏنو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ۽ ??ڏي?? قومون اسلامو فوبيا ۽ مسلم مخالف نفرت جي ڪڌي رجحانن کي بامعنيٰ طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ايڪشن پلان ??وڙين. ??ڏي?? قومن جي تهذيبن جو اتحاد نائين اليون کانپوءِ 2005ع ۾ مسلم دنيا ۽ اولهه جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي جواب ۾ جوڙيو ويو هو. ان ??ي بنيادي مقصدن مان هڪ سمورين ثقافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ ??ڏي?? احترام کي اڳتي وڌائڻ آهي. نائون فورم ”امن جي ا??حاد طرف: هڪ انسانيت جي طور گڏ ر??ڻ“ جي مرڪزي موضوع تحت منعقد ڪيو ويو. يو اين اي او سي گروپ آف فرينڊز جي ميمبر طور پاڪستان ??تحاد جي مينڊيٽ کي اڳتي وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.