اسلام آباد – 09 ??? ڊ??مبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪس??ان سنگاپور سان ٻطرفي ۽ آسيان جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن ک?? تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سنگاپور ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ واپار ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا ام??ان موجود آهن، ٻنهي طرفن جي ڪاروباري ماڻهن ک?? تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رکڻ گهرجي، پاڪس??ان آسيان جو سڀ کان پراڻو سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر آهي ۽ هو آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪس??ان ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪس??ان جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊالر جي آمدني متوقع آهي، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ملڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن ک?? آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير سنگاپور جي دوري جي موقعي تي اسٽريٽس ٽائيمز کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ چيو ته سنگاپور جي آزادي جي فوري پوءِ پاڪس??ان ان ک?? تسليم ڪندڙ اولين ملڪن ۾ شامل هو ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني ڪميونٽي شروعاتي سالن ۾ سنگاپور جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ماضي ۾ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ڪئي آهي، سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪوان يو 1988ع ۽ 1992ع ۾ پاڪس??ان جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1995ع ۾ پاڪس??ان جي وزيراعظم جي حيثيت سان سنگاپور جو دورو ڪيو. هن چيو ته وقت سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار وڃائي ڇڏي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو پاڪس??ان ۽ سنگاپور جي ٻطرفن لاڳاپن جي بحالي ۽ ٻطرفي مٽاسٽا کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سنگاپور جو دورو ڪري رهيو آهي، پاڪس??ان سنگاپور سان گڏيل لاڳاپن ک?? سمورن رخن ۾ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند اهي، ٻنهي طرفن جي ڪاروباري ماڻهن ک?? تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جاري رکڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ نوجوان سياسي اڳواڻ طور آئون اهو محسوس ڪريان ٿو ته دنيا کي پاڪس??ان بابت پراڻي دقيانوسي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا جي لاءِ پاڪس??ان ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن جن جي لاءِ پهريون قدم پاڪس??ان جي خلاف ٽريول ايڊوائيزري کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دنيا کي هڪ اميد ڀريل اڀرندڙ مارڪيٽ طور تي اسان ک?? وڌيڪ معروضي طور تي ڏسڻ جي ضرورت آهي، پاڪس??ان جي 220 ملين آبادي مان 114 ملين آبادي 25 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي. پاڪس??ان ۾ آن لائين واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 2021ع ۾ پاڪس??ان اي ڪامرس مارڪيٽ ۾ 45 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته جرمن ريسرچ فرم سنيسڪا موجب پاڪس??ان جي اي ڪامرس مارڪيٽ سان 2022ع ۾ 7.67 ارب ڊلر جي آمدني متوقع آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان ۾ ڪيترائي فري لانسرز آءِ ٽي، ٽيڪام، اي ڪامرس، ڊيٽا ايناليٽڪس، مالياتي خدمتن، موسيقي ۽ صحت ۾ خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن، سنگاپور ۽ ٻيا آسيان ملڪ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي سرگرمين ۽ مالياتي خدمتن ک?? آئوٽ سورس ڪن ٿا ۽ اهي اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا.