اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي 28 ک??ن 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقن ۾ بر??ات ۽ برفباري جي ڏس ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب بلوچستان جي اتر اولهه علائقن ۾ اولهندي سرد هوائن جو نظام داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي ڪري 28 ک??ن 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقي ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي پاران جاري تفصيل موجب ان موسمي نظام جي اثر هيٺ 27 کان 29 ڊسمبر دوران بلوچستان جا اڪثر علائقا خاص طور تي ڪوئيٽا، ??وب، بارکان، زيارت، نوڪنڊي، دالبندين، هراني، ق??عه سيف الله، ق??عه عبدالله، چمن، پشين، گوادر، جيواني، تربت، پنجگور، قلات، خضدار، سبي، نصيرآباد ۽ لسٻيلا ۾ بر??ات سان گڏ پهاڙن تي برفباري متوقع آهي. وڌيڪ اهو ته 28 ۽ 29 ڊسمبر جي رات جو ڪشمير، گلگت ۾ پڻ هلڪي کان وچولي بر??ات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. بلتستان، چترال، دير، سوات، مالاڪنڊ، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، مردان، پشاور، چارسده، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ڪوهاٽ، سرگوڌا، ??سلام آباد، مري، گليات ۽ پوٺوهار ريجن ۾ هلڪي بر??ات جو امڪان آهي. انهي دوران سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڊيره غازي خان، راجن پور، گوجرانوالا، ??يالڪوٽ، لاهور، شيخوپوره، فيصل آباد، ملتان، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ بکر ۾ برساتن جو امڪان آهي.