ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج جي ٻن جوانن جي شهادت تي پونئيرن سا?? افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن دورا?? شهادت ماڻيندڙ جوان ملڪ جا بهادر فرزند هئا. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيا?? موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم پنهنجي جوانن سپاهي عمران الله شهيد، سپاهي افضل خا?? شهيد جي سدائين مقروض رهندي. بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي اڳ ۾ به شڪست ڏئي ??ڪي آهي، هاڻي انهن جو نالو نشان مٽائڻ جو عزم رکي ٿي.