اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سينيئر عملدارن ج?? وچ ۾ ڳالهين ج?? اٺون سيشن اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي (ايشيا پيسفڪ) ممتاز زهره بلوچ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته آسٽريليا وفد جي قيادت اتر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت فرسٽ اسسٽنٽ سيڪ??يٽ??ي گيري ڪوون ڪئي. ڌرين ٻطرفي تعاون تي ٺوس خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ اعليٰ سطح جي مٽاشتا، سياسي، اقتصادي، ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاع، سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، لڏپلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون ??ڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس ٻڌايو ته ڌرين هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ گهڻ رخي ترجيحن ۾ تعاون تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي آسٽريلوي وفد کي ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال بشمول افغانستان ج?? انساني صورتح??ل ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ج?? سنگين ?? منظم خلاف ورزين تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن آسٽريليا ۽ پاڪستان ج?? وچ ۾ اسلام آباد ۾ واپاري ڳالهيون ??ڻ ٿيون، ڌرين زراعت ۽ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون تي خاص ڌيان ڏيندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾و اپاري پهچ ۾ اضافي ۽ ملڪيتي حق دانش جي گڏيل تحفظ خاص طور تي باسمتي چانور جي جاگرافيائي اشاري بابت معاملن تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي.