ڪوئيٽا – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري سان بي اي پي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي و??ير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ سياسي پارٽي پاران ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافي، جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي سياست جي مذمت ڪئي جڏ??ن ته ملاقات ۾ قوم پاران منفي سياست کي رد ڪري پاڪ فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ۽ مسئلن جي حل تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وڏي و??ير جو چوڻ هو ته بلوچستان جي ترقي وفاق جي عملي تعاون کانسواءِ ممڪن نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي احساس محرومي جي شڪار ننڍن صوبن کي اهميت ڏي ٿي. هن يقين ڏياريو ته هو بلوچستان جي مالي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزيرن سان ڳالهه ڪندو.