اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان بلوچست??ن عوامي پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ان موقعي تي بي اي پي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچست??ن عوامي پارٽي جي وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچست??ن عوامي پارٽي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان بلوچست??ن عوامي پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، خالد حسين مگسي، مولانا غفور حيدري، آغا حسن ??لوچ، اسحاق ڊار، احسن ??قبال، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ ۽ منظور ڪاڪڙ ڪميٽي جا ميمبر هوندا، ڪميٽي ايندڙ هفتي تفصيلي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچست??ن عوامي پارٽي حڪومت جي اهم اتحادي آهي جنهن حڪومت جي هر فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي، بلوچست??ن عوامي پارٽي سان مشاورت ۽ انهن جي راءِ کانسواءِ ممڪن نه آهي. سينيٽ چيئرمين بلوچستان جي ترقي لاءِ وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي قدمن تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، قومي اس??مبلي ميمبر ۽ بلوچست??ن عوامي پارٽي جي پارلياماني ليڊر خالد حسين مگسي ۽ سينيٽر نصيب الله بازئي پڻ شرڪت ڪئي.