اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هُو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هلندڙ هفتي جي شروع ?? عالمي برادري پناهگيرن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو. اهو ڏي??هن ڪشميرين جي مصيبتن جي ياد ڏياري ٿو جن کي پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري جلاوطني جي زن??گي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي تشدد، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڄمون ۽ ڪشمير جا هزارين ماڻهو بي گهر زن??گي گذاري رهيا آهن ۽ پنهنجي وطن واپس وڃڻ کان ??اصر آهن. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف، ظلم ۽ ڏاڍ جي ماحول کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام جي زن??گين ۾ امن آڻڻ گهرجي.