مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي اسلامي معاملن، دعوت ۽ رهنمائي واري وفاقي وزير ۽ خادم ال??رمين ال??ريفين جي حج مهمانن جي پروگرام جي جنرل سپروائيزر شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف بن عبدالعزيز آل شيخ چيو آهي ته سعودي حڪومت حاجين جي سهولت لاءِ جامع قدم کنيا آهن. ڪورونا وبا بعد هلندڙ سال حج جو وڏو اجتماع هوندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزارت جو ڪم 3 اهم معاملن ۾ ٿيندو آهي، پهرين حصي ۾ ميقات ۽ مقدس هنڌن جي اردگرد علائقن سميت هڪ هزار کان وڌيڪ مس??دن جي تعمير ۽ انهن جي مرمت شامل آهي. ٻئي معاملي ۾ حج ۾ اسلامي جاڳرتا لاءِ جنرل سيڪريٽريٽ جي سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ هوندو آهي، جنهن جو مقصد 40 کان وڌيڪ عالمي ٻولين ۾ 32 ملين تعليمي خدمتون فراهم ڪ??ڻ آهي. هن ٽئين اهم پروگرام جو اعلان ڪيو جيڪو حج ۽ عمري وغيره لاءِ خادم ال??رمين ال??ريفين جي پروگرام بابت آهي. هن سال ان پروگرام تحت سڄي دنيا جي 90 کان وڌيڪ ملڪن مان حاجين جي ميزباني ڪئي ويندي، ان کان علاوه فلسطين رياست جي شهيدن ۽ زخمين جي خاندانن جا هڪ هزار ??اجي به شرڪت ڪندا. هن چيو ته 7200 کان وڌيڪ سعودي اهلڪار ??اجين جي خدمت لاءِ مقرر آهن. وزارت مڪي پاڪ جي ترقي لاءِ رائل ڪميشن جي سهڪار ??ان مقدس هنڌن جي سمورن مس??دن جي بهتري، سار ??نڀال ۽ صفائي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. اهم ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته مڪي پاڪ ۾ 250 ملين ريالن جي لاڳت سان 75 نيون مسجدون تعمير ڪيون ويون ?? مڪي پاڪ جي سمورين مس??دن جي سار ??نڀال تي 300 ملين ريالن کان وڌيڪ لاڳت آئي آهي. حج جي موسم لاءِ هڪ هزار 300 مبلغن کي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ ذميواري سونپي وئي آهي. مقدس هنڌن تي آءِ پيڊ ذريعي ويڊيو ڪالنگ سروس شروع ڪئي وئي آهي ۽ 200 لائينن ذريعي حاجين جي ڪال وصول ڪرڻ لاءِ هڪ مفت فون سروس پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه وزارت قرآني آيتن جو 76 کان وڌيڪ عالمي ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو آهي. هڪ اليڪٽرانڪ لائيبريري سروس متعارف ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته خادم ال??رمين ال??ريفين 1417ع ۾ شروع ٿيڻ بعد سڄي دنيا جي 140 ملڪن مان وڏي انگ ۾ حاجين جي ميزباني ڪئي آهي.