سجاول-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر امتياز علي ??بڙو شاهه بندر، جاتي ۽ کارو ڇان جي ساحلي ??لائقن جو دورو ڪري پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻي?? لاڳاپيل ادارن پاران خطري ھيٺ آيل علائقن ۾ موجود ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو جي ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاران شاهه بندر، جاتي ۽ کارو ڇاڻ جي غير محفوظ ساحلي ??لائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، نيوي، رينجرز، ڪوسٽ گارڊز ۽ ٻي?? لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ريسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي ته جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪا??يج سجاول، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪا??يج سجاول، گورنمينٽ بوائز هاءِ اس??ول سجاول I، گورنمينٽ بوائز هاءِ اس??ول سجاول II، گورنمينٽ گرلز هاءِ اس??ول سجاول، مورو مرڪز سجاول، گورنمينٽ پرائمري مين اس??ول چانڊيا سجاول، گورنمينٽ پرائمري اس??ول مدرسہ سائٽ سجاول، گورنمينٽ پرائمري اس??ول حاجي يونس ميربحر جاتي، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اس??ول جاتي، سيف اس??ول جاتي ٽائون، مين پرائمري اس??ول جاتي ۽ گورنمينٽ هاءِ اس??ول بيگنا موري جاتي ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر رليف ڪيمپ ۾ اٽڪل 500 کان 800 ۽ 1000 ماڻهن جي رھائش جا انتظام ڪيا ويا آھن. ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته هن وقت تائين 2000 کان وڌيڪ ماڻهن کي ساحلي ??لائقن مان ڪڍي مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين پڪل کاڌو، صفائي سٿرائي، حفظان صحت جو سامان، ترپال، ڪمبل ۽ ٻيون سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان نڪرڻ تي آمادہ ڪرڻ بابت ڀرپور مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن تان نڪري چڪا آهن جن کي ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل امدادي ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ جاري آهن ته جيئن کين مشڪلات ۽ پريشاني کي بچائي سگهجي.