برسلز – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي ??ون??ن پارلياماني تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ان حوالي سان مفاهمت پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ يورپي ??ون??ن ڏکڻ ايشيا بابت وفد جي ملڪن سان لاڳاپن جي سربراهه نڪولا پروڪاسيني جي وچ ۾ برسلز ۾ ملاقا?? دوران طئي ٿي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام عالمي امن جي لاءِ لازمي آهي، مملڪتي وزير ڏکڻ ايشيا بابت ٽريڊ مانيٽرنگ جي نمائندي ۽ انساني حقن جي سب ڪميٽي جي ميمبر ڪراميڪس سان پڻ نتيجاخيز خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. هن يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ۽ نئين جي ايس پي پلس جي نمائندي هيڊي بائوتالا سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جي ايس پي پلس پائيدار ترقي جي هدفن جي لاءِ هڪ موثر ذريعو آهي. ان جو پاڪستان ۽ يورپي ??ون??ن جي وچ ۾ واپار خاص طور تي نوڪرين جي موقعن، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٺوس ترقي تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو. حنا رباني کر انٽرنيشنل ٽريڊ ڪميٽي جي سربراهه برنڊ لينج سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ پاڪستان جي موقف تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. انساني حقن جي ذيلي ڪميٽي جي وائيس چيئرمين يورپي پارليامينٽ برنارڊ گوئٽا سان ملاقات ۾ مملڪتي وزير کيس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين بابت آگاهه ڪيو ۽ يوڪرين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.