اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شر??ع ٿيندڙ اجلاس جي ان??ظامن ۽ قانون سازي جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر پارلياماني صلاحڪار کي قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شر??ع ٿيندڙ اجلاس لاءِ ڪيل ان??ظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. اسپيڪر اسد قي??ر چيو ته ڪورونا وائرس وبا جي خطرن کي نظر ۾ رکندي قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شر??ع ٿيندڙ اجلاس لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي پارليامينٽ هائوس ۽ پارليامينٽ لاجز ۾ موثر ان??ظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.