مظفرآباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو. ان دوران هن وزيراعظم هائوس آ??اد ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو خاص معاون معيد يوسف پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فار??ق حيدر خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي وزيراعظم هائوس ۾ آجيان ڪ??ي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فار??ق حيدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ 5 آگس?? تي استحصال جي ڏهاڙي جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ ۽ دٻاءُ باوجود 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کي سمورا ڪشميري رد ڪري چڪا آهن. مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين. وزيراعظم راجا فار??ق حيدر چيو ته معصوم ڪشميري دنيا جي چوٿين وڏي فوجي قوت جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، پاڪستاني قوم پاران ڪ??ميرين سان يڪجهتي جي بي مثال مظاهري تي انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڪ??ميرين جو سڄي دنيا ۾ واحد وڪيل آهي.