اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ تذويراتي ??لاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسلا ??تب آندا ويندا، پاڪستان جي جوهري ۽ تذويراتي ??لاحيت هڪ مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽ??ول سسٽم جي تحت مڪمل طور تي محفوظ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپارڪو جي سيٽلائيٽ گرائونڊ اسٽيشن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم کي اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ م??امي صلاحيت جي ترقي ۾ اسپارڪو جي ڪاميابين سان گڏوگڏ قومي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اسپارڪو جي خدمتن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.